فہرست

شجرہ شریف منظوم سندھی


شجرو شريف مشائخ نقشبنديه مجدديه غفاريه بخشيه طاهريه

تصنيف لطيف: سيدي و مرشدي محبوب سڄڻ سائين مدظله العالي

سڀ ثنا مخصوص ذاتِ ڪِبريا جي واسطي
سؤ سلام ۽ سؤ صلواتون مصطفى جي واسطي

ٿئي عطا صِدق و صَفا صِديق اڪبر جي طُفيل
حُب پنهنجي ڪر عطا هن باوفا جي واسطي

صدقي سَلمان فارسِي جي ڪر ڪرم پنهنجو ڪريم
حضرت قاسم امام الاولياء جي واسطي

حضرت جعفر مُحابي نفس مون مَغلُوب ٿئي
قُطبِ عالم بايزيد بادشاه جي واسطي

خواجه خرقاني ابو الحسن شهنشاه اولياء
پير پيران ابو القاسم باخدا جي واسطي

صاحبِ فيض و فضيلت بُوعلي شيخ الورى
خواجه بويوسف ڀلاري باحيا جي واسطي

خواجه صاحب عبدالخالق غِجدواني اولياء
شيخ عارف رِيَوگري هن حق نما جي واسطي

حضرتِ محمود صدقي عاقِبت محمود ڪر
پير علي رامِيتَني مرد خدا جي واسطي

خواجه بابا سَماسِي مردِ فاضِل باڪمال
شاه شمسُ الدين سيّد شهنشاه جي واسطي

غوثِ اعظم قطبِ عالم شهنشاه نَقشبَند
شاھ بهاؤالدين بُخاري دلربا جي واسطي

دل منهنجي ٿئي اِسمِ اعظم سان منوّر يا خدا
پير علاؤالدين عابد بٖي رِيا جي واسطي

حضرت يعقوب صدقي مشڪلاتون معاف ڪر
پير عُبيدالله افضل اولياء جي واسطي

حضرت زاهد جي صدقي زُهد ڪامل ٿئي نصيب
سائين درويش محمد مُقتدى جي واسطي

خواجه اَمڪَنڪي جي صدقي گريه زاري ٿئي عطا
خواجه محمد باقي بالله باصَفا جي واسطي

شهنشاهِ اولياء نائب جنابِ مصطفى
حضرت خواجه مُجدّد مهربان جي واسطي

حضرت معصوم صدقي عشق ڪامل ٿئي نصيب
سائين سيفُ الدين رهبر رهنما جي واسطي

حضرت مُحسن جي صدقي معاف منهنجي ڪر خطا
پير ڪامل نور محمّد پارسا جي واسطي

سائين حبيبُ الله شهيد مِرزا مَظهر جانِ جان
خير خواه خواجه غلام علي خوش اَدا جي واسطي

بُوسعيد شيخ احمد دهلوي غوثِ زمان
فاروقي احمد سعيد شمس الهدى جي واسطي

دوست تنهنجو يا الاهي دوست محمد دلربا
حضرت عثمان تارِڪ ماسِوا جي واسطي

حضرت محمد لعل شاه ۽ سراج الدين سائين
دل جي ظُلمت دور ٿئي هن مَہ لَقا جي واسطي

فيض فضلي جو وسي ٿو عَجم عَربُستان ۾
فضل ٿئي فضل علي فضل خدا جي واسطي

نائب خير الورى حضرت خواجه محمد عبدالغفّار
مهر ٿئي مسڪين تي هن مهربان جي واسطي

ابر رحمت شاه شفقت حضرت الله بخش سائين
هيءَ دعا مقبول ٿئي قُطبُ الورى جي واسطي

مال ملڪيت جي محبت قَلب مان زائل ٿئي
پير هادي الله آبادي ڀرجھلا جي واسطي

شيخ ڪامل ۾ فنائيت ۽ محبت ٿئي نصيب
پير شل راضي هجي هن بٖي نوا جي واسطي

يا خدا تنهنجو ڇڏي در ٻيو ڀلا ڪاڏي وڃون
رحم ڪر اي راحمين پنهنجي سَخا جي واسطي

يا الاهي تنهنجي رحمت جو ڪنارو ڪونه آ
پياس دل جي دور ڪر پنهنجي عطا جي واسطي

يا الاهي بَحر عِصيان غرق آهيان صفا
ڪرم سان ٿئي دستگيري مبتلا جي واسطي

ڪر عطا مون کي سعادت دين دنيا جي تمام
سيد الڪونين خاتَمُ الانبياء جي واسطي

عرض عاجز محمّد طاهر جو ٿئي شل مستجاب
جمله ڪامل اولياء ۽ اتقياء جي واسطي

آمين يا رب العالمين
وصلي الله تعالى على حبيبہٖ سيدنا محمد وآلہ واصحابہ اجمعين